اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته خطي ۾ رابطن جي منصوبن سان نه رڳو واپ??ري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ازبڪستان جي نائب وزيراعظم، سيڙپڪ??ري ۽ ٻ??هرئين واپار و??ري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف جي قيادت ۾ ازبڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. گذريل سيپٽمبر ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي تي ٻڌل قدمن تي آڪٽوبر 2022ع ۾ قزاخستان ۾ ٿيندڙ ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان پاران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مثالي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان رستن ۽ ريلويز جي ذريعي وچ ايشيا تائين پهچ جي آڇ ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خطي ۾ رابطن جي انهن منصوبن سان نه رڳو واپ??ري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ازبڪستان جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ اقتصاديات جي وزارتن سان ٿيندڙ ملاقاتن بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ازبڪستان جي نائن وزيراعظم، سيڙپڪ??ري ۽ ٻ??هرئين واپار و??ري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف وزيراعظم کي مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي واپ??ري گروپن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ اجلاسن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽيز جي وچ ۾ واپ??ري رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ ثمر آور ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪ??ري کي فروغ ملندو. ازبڪستان جي وفد وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ رابطن ۾ واڌاري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ازبڪستان جي نائب وزيرعاظم جي قيادت ۾ وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Ramzan Sahulat Bazaars: CM Maryam congratulates masses on saving Rs 1.1bn
-
Karachi police crack down on dumpers after viral video
-
PMD predicts hot, dry weather in Sindh
-
Aztec Treasures Rasmi Tafreehi Link - Dilchasp Offers aur Khail
-
10 Lucky Giggle Entertainment - تفریح کی نئی دنیا
-
Washington rally demands rights for Kashmiris
-
How to spot a militant: army removes roofs in Waziristan
-
Thousands attend Pakistan Festival USA to celebrate 69th Independence Day
-
Seminar held on DNA Typing Role of Judiciary, Investigating Agencies
-
Indian Republic Day to be observed as black day by Kashmiris
-
صبا سپورٹس آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
Baccarat سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ مکمل گائیڈ اور تفصیلات