اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ مهانگائي ?? عوام جي معاشي مشڪلاتن جي خاتمي ??ي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، 300 يوٽيلٽي اسٽورز ۽ 1200 موبائيل يونٽس جي ذريعي ڪروڙين مستحقين ۾ سستو اٽو، کنڊ، داليون، گيهه ۽ ٻيون ضرورت جون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن، ان عمل ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ??يندي. هو اسلام آباد ۾ مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي معاملن وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير کانسواءِ مختلف ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم دوري دوران مستحقين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان انهن جي مشڪلاتن ۽ درپيش مسئلن بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان پئڪيج حاصل ڪندڙ مستحقين کي ڪنهن به مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم ٻڌايو ته رمضان ريليف پئڪيج جي ورڇ جي عمل جو جائزو وٺڻ ??ي لاءِ هن اوچتو يوٽيلٽي اسٽورز جا د??را ڪيا آهن. انهن يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽو 77 رپيا في ڪلو، گيهه 100 رپيا في ڪلو سستو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ چانور، دالين ۽ کنڊ سميت ضرورتن جي شين تي پڻ 30 سيڪڙو گهٽ اگهه وصول ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. 300 يوٽيلٽي اسٽورز کانسواءِ 1200 موبائيل يونٽس جي ذريعي پڻ ڪروڙين مستحقين کي رمضان ريليف پئڪيج جي فراهمي جاري آهي. مستحقين جا دستاويز موجود هجن ته بنا د??ر انهن تائين ضرورت جون شيون گهٽ اگهن تي پهچي وڃن ٿيون. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هن سال امداد جي رقم وڌائي 10 هزار رپيا ڪئي ??ئي. بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ??ي لکين خاندانن کي ڪفالت پروگرام تحت 2 هزار رپيا اضافي پڻ ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم يقين ڏياريو ته يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي فراهم ڪئي ??يندڙ شين جي معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪٿي ڪنهن غيرمعياري ۽ ناقص شيءَ جي شڪايت ملي ته سخت ڪارروائي ڪئي ??يندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت لاڳاپيل ادارن ۽ وزيرن جي گڏيل ڪوششن سان رمضان ريليف پئڪيج جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته 3 ڪروڙ 96 لک خاندانن کي بي آءِ ايس پي تحت ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته دوري دوران کيس اهو ڏسي خوشي ٿي ته رمضان ريليف پئڪيج جي ورڇ جو عمل بهترين طريقي سان جاري آهي. حڪومت رمضان ۾ 12 ارب رپين سان عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪندي. وزيراعظم دعا ڪئي ته رمضان المبارڪ جي برڪت سان پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو دور اچي ۽ مهانگائي ?? عوامي مشڪلاتن جو خاتمو ٿئي. اسان سڀني کي ان ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
متعلقہ مضامین
-
Ramzan Sahulat Bazaars: CM Maryam congratulates masses on saving Rs 1.1bn
-
Karachi police crack down on dumpers after viral video
-
PMD predicts hot, dry weather in Sindh
-
Aztec Treasures Rasmi Tafreehi Link - Dilchasp Offers aur Khail
-
10 Lucky Giggle Entertainment - تفریح کی نئی دنیا
-
Washington rally demands rights for Kashmiris
-
How to spot a militant: army removes roofs in Waziristan
-
Thousands attend Pakistan Festival USA to celebrate 69th Independence Day
-
Seminar held on DNA Typing Role of Judiciary, Investigating Agencies
-
Indian Republic Day to be observed as black day by Kashmiris
-
صبا سپورٹس آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
Baccarat سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ مکمل گائیڈ اور تفصیلات