اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان عالمي امن ۽ س??ام??ي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن اعتمادسازي جي قدمن جي ذريعي علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن، س??ام??ي ?? استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي وارن قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪس??ان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي جنرل سيڪريٽري سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. وزيراعظم اعتمادسازي جي قدمن ذريعي علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن ?? استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪا جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪس??ان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ، تڪرارن کان بچڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ خطي ۾ پ??ئي??ار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي وارو حل تيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪس??ان عالمي امن ۽ س??ام??ي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي عزم جو اظهار به ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سيڪا جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل سريبي وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ قدمن سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويز ڪيل ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن سيڪا ۾ پاڪس??ان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
PR to upgrade Shalimar Express with modern facilities
-
Glacier burst in Ghizer creates artificial lake, villages at risk
-
Punjab goes green: electric taxis and solar power approved
-
فینکس رائز آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس کا افتتاح
-
Registration of Afghan refugees inevitable: Sindh CM
-
Bilawal congratulates cricket team on winning Lord Test match
-
World leaders condemn Quetta blast
-
KE launches automated complaints management system
-
PM Nawaz inaugurates 40MW coal power project in Faisalabad
-
Junaid Jamsheds funeral prayers to be offered on Thursday
-
Fortune Dragon Entertainment آفیشل ویب سائٹ - بہترین گیمنگ تجربہ
-
NS الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ اور اس کے فوائد