اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت جي تبديلي جي مبينه سازش جي معاملي جي مڪمل جاچ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو، عمران خان جو خط وزيراعظم پاڪستان ?? چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏنو آهي جنهن ۾ حڪومت ?? تبديلي آڻڻ لاءِ مبينه سازش جي جاچ تي زور ڏنو ويو آهي. صدر چيو ته هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير پاران موڪليل سائفر جي ڪاپي پڙهي جنهن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي مددگار ڊونلڊ لو سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ مل??قا?? جي باضابطه سمري موجود هئي. هن چيو ته سائفر جي رپورٽ ۾ ڊونلڊلو جا ڪجهه بيان شامل هن جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ، جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سائفر ۾ رٿ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ”معافي“ ۽ ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ذڪر آهي، صدر چيو ته پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي هئي ته ڊونلڊلو جا بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ن??قا??ل قبول ۽ سراسري مداخلت جي برابر آهن ۽ حڪومت پاڪستان بجا طور تي هڪ ڊي مارش جاري ڪيو آهي، ڌمڪيون خفيه ۽ ظاهر ٻئي ٿي سگهن ٿيون، ان خاص معاملي ۾ غير سفارتي زبان ?? واض?? طور تي ڌمڪي ڏني وئي، صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ان سان پاڪستان جهڙي هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم جي وقار کي شديد ٺيس پهتو آهي. صدر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي ممڪنه رد عمل ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو، هڪ خودمختيار، غيور ۽ آزاد قوم جي وقار کي شديد نقصان پهتو، معڪاملي جي تفصيلي جاچ ۽ تحقيقات جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سازشن جي تحقيقات بي نتيجا رهيون، ان سلسلي ۾ هن راولپنڊي ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم شهيد لياقت علي خان جي قتل، اگرتله سازش ڪيس، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سري عام خط لهرائڻ ۽ سندس خلاف سازش جي الزام، صدر ضياءُ الحق جي جهاز جي حادثي، اوجڙي ڪيمپ سانحي، ايبٽ آباد سازش ڪيس ۽ ٻين ڪيترن ئي واقعن جو ذڪر ڪيو جيڪي بي نتيجا رهيا، هن چيو ته عالمي سطح تي به سازشن جي تصديق ڏهاڪن کانپوءِ ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ کانپوءِ ٿيندي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ تائين ملڪن کي شديد نقصان پهچي چڪو هوندو آهي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان جو خط وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي تحقيقات ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.
متعلقہ مضامین
-
Punjab govt launches Gulf employment initiative
-
Authorities impose curfew in KP’s three districts
-
Govt sets private Hajj quota at 23,620 pilgrims for 2025
-
Huawei signs MoU with Education ministry to train 300,000 Pakistani students
-
Medusa II آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح کا نیا دور
-
Hypocrisy of extremist agendas must not take root: Asif Zardari
-
Solving load shedding first step towards prosperity: PM
-
Taxiing PIA plane hits Air France jet at Toronto airport
-
CTD cracks Gulshan Park blast case
-
No direct link between prime minister and London flats: SC
-
پی ٹی الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ کی سرکاری ویب سائٹ
-
AG آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد